المدة الزمنية 2:12

رپورٹ علی شیر‌لغاری جوہی الكويت

بواسطة D News Time
4 مشاهدة
0
0
تم نشره في 2021/07/12

جوهي ڪاڇي جي ڳوٺ گاجي شاھ جي رهواسين پاران بااثر وڏيري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج تفصيل موجب ڪاڇي ڳوٺ دوست محمد شاھاڻي, محمد عيسي خان شاھاڻي گل محمد شاهاڻي جي رهواسين اڳوڻو ڪائونسلر بشير احمد شاھاڻي, محمد اسحاق شاهاڻي, منظور شاھاڻي, اڪبر شاهاڻي ۽ ٻين جوهي پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته گاجي شاھ ٿاڻي جي حد ديھ دهونڪ ۾ ڏاڏڪي ريتي واري زمين تي عدالتي حڪم جي منع ڪرڻ باوجود بااثر وڏيرو گاجي شاھ پوليس جي مدد سان اسان مقامي ڳوٺاڻن کي حراسان ڪري زوري زمين تي قبضو ڪري پنهنجي ڏاڍ سان غيرقانوني ريتي کڻي رهيا آھن, بااثر وڏيري جا هٿياربند پوليس جي مدد سان اسان کي حراسان ڪري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ۽ اچڻ وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي هٿياربندن ۽ پوليس جي خوف کان معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ لاء پريشان آهن, هنن وڌيڪ چيو آهي ته وڏي پيماني ۾ ريتي کڻڻ جي نتيجي ۾ اسان جون زرعي زمينون خراب ٿي ويون آهن زير زمين پاڻي جو سطع هيٺ ٿي ويو آهي لڳل بور ناڪاره ٿي ويا آهن,احتجاج ڪرڻ تي اسان کي ڪوڙين ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, سيشن جج دادو, سول جج جوهي, وزير اعلي سنڌ, آء جي سنڌ, ڊي آء حيدرآباد سميت اعلي اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڏاڏڪي زمين تان غيرقانوني ريتي کڻندڙ بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

الفئة

عرض المزيد

تعليقات - 0